ڀارو مل امراڻي

ڀارو مل امراڻي

ڀارو مل اَمراڻي سوٽهڙ

ڀارو مل اَمراڻي، سوٽهڙ: ڀارو مل ولد ڪانجي مل، امراڻي، سوٽھڙ، 17 فيبروريءَ 1982ع تي چيلھار شهر، تعلقي ڇاڇري ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم، تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ ’ڇھي سوٽھڙ‘ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ثانوي تعليم ھاءِ اسڪول مٺيءَ مان حاصل ڪيائين. ڀارو مل امراڻيءَ لکڻ جي شروعات ڏھين ڪلاس ۾ پڙھائيءَ دوران ڪئي. 1996ع ڌاري عبرت مئگزن ۾ روس جي ترقي پسند ليکڪ ٽالسٽاءِ جي آتم ڪھاڻي ترجمو ڪري ”خوشبوءِ جو موت“ جي عنوان سان ڇپايائين. 1997ع ڌاري رفـيع عابديءَ جـو ڪتاب ”تيسري دنيا ڪا ادب“ ۽ ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو ڪتاب ”تاريخ ڪي نظريات“ ترجمو ڪري روزاني ”جاڳو“ ۽ روزاني ”عبرت“ ۾ قسطوار ڇپايائين. سندس ڪالم، مضمون ۽ شاعري، ”عبرت مئگزين“، ”ھالار مخزن“، روزاني ”ھلال پاڪستان“، روزاني ”پاڪ“، روزاني ”دعا“، روزاني ”سنڌ“ ۽ ماھوار ”صبح ٿيندو“ ۾ شايع ٿيندا رهيا. هي ايم.اي سنڌي آهي. ٿر جي لوڪ ادب، تاريخ ۽ جديد ادب تي ڪافي ڪم ڪري چڪو آهي. ٿر جي لوڪ گيتن تي سندس هڪ مختصر ڪتابڙو ”گيت سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا “ (2004ع) ڇپيل آهي. ان کان سواءِ ٿر جي چارڻن جي ٻولن تي ”چتر ٻولي چارڻان“ ۽ مشهور لوڪ شاعر بانڪي داس جي امرڪوٽ بابت چيل دوهن تي مشتمل ڪتاب ”همروٽ ڇيتسي“ ترتيب ڏئي چڪو آهي. کيس ٿر جي ثقافتي ۽ لساني جاگرافيءَ جو به سٺو مشاهدو ۽ مطالعو آهي. ڀارو مل، شيخ اياز جي شاعريءَ جو ڍاٽڪيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

17.02.1982  عيسوي

ڀارو مل سوٽھڙ ، 17 فيبروريءَ 1982ع تي چيلھار شهر ، تعلقي ڇاڇري ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪرڻجي سوڍو
گاگسنگهه آتمارام آڏواڻي
صلاح الدين پنهور
پير جهنڊو
استاد محمد خان ڏيڌڙو
پونجراج مل ڪيسراڻي
پٺاڻ درمحمد ڊاڪٽر
حاجي غلام حسين ميمڻ
راڻي لاڏي
جان الله شاهه ثالث
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون